ڪلوئي (ن پ ا) ڪلوئي ۾ برساتن بعد مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، جنهن سبب    ڪيترائي رهواسي  مليريا ۾ وٺجي ويا آهن، ان حوالي سان  شهرين لطيف بلوچ، عمر نهڙيو، اڪبر ڪلوئي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته برساتن بعد مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، پر انتظاميا مڇر مار ڦوهارو ناهي ڪرايو، نوٽيس وٺي مڇر مار ڦوهارو ڪرايو وڃي، ٻي طرف  بي ايچ يو ڪلوئي جي انچارج ڊاڪٽر نھچل داس چيو ته روزانو جي بنياد تي هڪ سئو مريضن مان 40 کان 50 سيڪڙو مليريا جا ڪيس رپورٽ ٿين ٿا، هڪ هفتي اندر 400 کان 500 سو مريض جون ٽيستون ڪيون ويون آهن ۽ مليريا جو علاج ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪلوئي شهر ۾ بجلي ڪلاڪن جا ڪلاڪ نه هئڻ ۽ اسپتال اندر ايڪسري مشين خراب هئڻ سبب مريضن کي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن.