ٿاڻوبولاخان (ن پ ا)  تعلقي ٿاڻوبولاخان اسپتال جي او پي ڊي بلاڪ جي بلڊنگ زبون حالي جو شڪار ٿي وئي آهي. تعلقي اسپتال جي او پي ڊي جي بلڊنگ ۾ چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي او پي ڊي بلاڪ جي ليڊيز وارڊ ۾ ڇت جا چاپڙ ڌماڪي سان ڪري پيا آهن وارڊ ۾ موجود مريض ۽ عملو معجزاڻي طور بچي ويا آهن تعلقه اسپتال جي بلڊنگ جي ڪافي عرصي کان مرمت نه ٿي آهي ان سلسلي ۾ اسپتال انتظاميان جو چوڻ آهي ته اسپتال جي بلڊنگ زبون حال آهي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ معمول بڻجي ويو آهي اسان ڪافي ڀيرا بلڊنگ جي زبون حالي بابت بلڊنگ ڊولمينٽ اٿارٽي وارن کي شڪايتون ڪيون آهن پر هو ان طرف ڌيان نٿا ڏين ٻئي طرف تعلقه اسپتال جي نئين تعمير ٿيندڙ بلڊنگ جو ڪم پڻ ڪافي عرصي کان رڪيل آهي ان جو ڪم ڪافي سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهيو آهي هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اعليٰ انتظاميان کي گهرجي ته تعلقه اسپتال ٿاڻوبولاخان جي بلڊنگ رڪيل مرمتي ڪم مڪمل ڪرايو وڃي ۽ اتي شفٽگ ڪئي وڃي ته جيئن ڪو واقعو پيش نه اچي.