گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪيءَ ڀرسان گورنمينٽ پرائمري اسڪول راڄو خان ڪولاچي ٻن سالن کان بند هئڻ خلاف ڳوٺاڻن ۽ شاگردن جو احتجاج، فوري طور اسڪول کولرائڻ جو مطالبو. ڳوٺ راڄو خان ڪولاچيءَ جي رهواسي سعيد خان ڪولاچي، ساجد علي، اعجاز احمد، شاگردن اقرار احمد، سراج احمد، اقبال احمد ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته گذريل ٻن سالن کان ڳوٺ جو پرائمري اسڪول بند پيل آهي ۽ استاد گهر ويٺي پگهار کڻي رهيا آهن، جنهن سبب معصوم شاگرد ۽ شاگردياڻين جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي. شاگردن جو هڪ سال ضائع ٿي ويو، ان کان علاوه اسڪول جو رڪارڊ به گم ڪيو ويو آهي. تعلقي ايجوڪيشن آفيسر کي لکت ۾ شڪايت ۽ آگاهي ڏيڻ باوجود معاملي جو نوٽيس نٿو ورتو وڃي. رابطو ڪرڻ تي تعلقي ايجوڪيشن آفيسر گهوٽڪي محمد يوسف ڌونڌو جو ان حوالي سان چوڻ هو ته اسڪول بند ناهي.