ڇاڇرو/جهول (نمائندن وٽان) ڇاڇرو ۽ جهول ۾ اٽي جي چڪين تي ڇاپا، سيل، مالڪن کان ڏنڊ وصول، احتجاج طور ڪيترن ئي چڪيون بند ڪري ڇڏيون، ڇاڇرو ۾ چڪي مالڪن پاران گهربل ڪڻڪ وٺڻ باوجود اٽو سستو نه ڪرڻ وارين شڪايتن تي اي سي علي حيدر شيخ چڪين تي ڇاپا هڻي چندر مهراج، علي ڪنڀر ۽ ملهار نهڙي جون چڪيون سيل ڪيون ۽ ممتاز راهمون ۽ هاشم نهڙي کي پڪڙڻ بعد آزاد ڪري ڇڏيو، انتظاميا جي ڪارروائي خلاف چڪين وارن احتجاج طور شهر جون سموريون چڪيون بند ڪري ڇڏيون، جيڪي ار سي سان ڳالهين بعد کوليون ويون، اي سي جو چوڻ آهي ته اٽي چڪين جا مالڪ سرڪاري اگھه تي عمل نه پيا ڪن جنهن ڪري ڪارروائي ڪئي، ٻئي طرف چڪي مالڪن چيو ته حڪومت ڪوٽا سسٽم بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري سستي اٽي جا اسٽال نٿا لڳائي سگهون، 105 روپيا ڪلو اٽو وڪرو ڪنداسين، هوڏانهن جھول ۾ اي سي عوامي شڪايتن تي اٽو مھانگو وڪرو ڪندڙ 4 چڪين ۽ ڪرياني جي 5 دڪانن تي ڇاپا هڻي 10- 10 ھزار روپيا ڏنڊ ۽ 8 فروٽ ۽ سبزي وڪرو ڪندڙ دڪاندارن کان 5- 5 ھزار روپيا ڏنڊ وصول ڪيو، دڪاندارن خدا بخش چانگ، خميسو شر، آسن مل، سيتل داس ۽ ٻين دانهيندي چيو ته مھانگائي ھئڻ ڪري کين شيون مھانگيون ملن ٿيون، ڏنڊ وجهي ناجائزي ڪئي وئي آهي.