نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهرو فيروز ۾ ھيٺاهين چوڪ سميت شھر ۾ گندگي جي آزار خلاف رڪشا ڊرائيورن احتجاج ڪيو، ان موقعي تي ڊرائيورن رڪشائن جي ريلي ڪڍي ميونسپل آفيس ۽ پريس ڪلب نوشهروفيروز  آڏو ڌرڻو هنيو، جنهن دوران سي ايم او جي ڪار کي ڊرائيورن روڪي ورتو ۽ ميونسپل انتظاميا خلاف نعري بازي ڪئي، رڪشا ڊرائيورن صادق راڄپر، نثار پيرزادو، ستار سيال، رميز پيرزادو، صالح سولنگي ۽ ٻين چيو ته ھيٺاهين چوڪ سميت سڄي شھر جا رستا گندي پاڻيءَ ۾ ٻڏل آھن، اڪثر ھنڌن تي معصوم ٻارڙا ۽ عورتون گندي پاڻي ۾ ڪري پون ٿا، سندن رڪشا تباهه ٿي ويا آھن، هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ صفائي ڪرائي مسئلو حل ڪيو وڃي.