سکر: سکر تعليمي بورڊ جي ترجمان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت صوبي جي سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهندڙ شاگردن جي انرولمينٽ ۽ امتحاني فيس معاف ڪئي آهي. تعليمي بورڊ پاران سکر جي ڪنهن به سرڪاري اسڪول جي شاگردن کان ڄاڻايل فيس نه پئي ورتي وڃي، البت مارڪ شيٽ، توڙي پڪو سرٽيفڪيٽ اسڪولن ڏانهن موڪلڻ جي مد ۾ مقرر فيس ورتي پئي وڃي. مارڪ شيٽ جي 800 رپيا ۽ پڪي سرٽيفڪيٽ جي 1500 رپيا فيس آهي. بورڊ جي سمورن قاعدن ۽ ضابطن جي گسٽا جي عهديدارن کي خبر آهي. هن ڀيري فقط ذاتي رنجشن سبب سکر بورڊ خلاف بناجواز مظاهرا ڪيا پيا وڃن.