چڪ (ن پ ا) چڪ لڳ ڳوٺ يار محمد بروهي ۾ ڏيڍ سال اڳ قتل ٿيل استاد علي مراد بروهي جي جي وارثن وٽ ٺاھ لاءِ مختلف برادرين جا ماڻهو، سيد ۽ چڱا مڙس ميڙ کڻي آيا،ميڙ منٿ قافلي ۾ امير علي شاهه، عبدالنبي جاگيراڻي، غلام حسين مهر سميت سوين ماڻهون پاڪ ڪتاب نياڻيون ميڙ کڻي پهتا،  متاثر ڌر پاران مکيه جوابدار عبدالجبار بروهي شاهنواز بروهي پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ فيصلي جو اختيار برادريءَ جي سردارن کي آهي جيڪي فيصلو ڪري سگهن ٿا فيصلي تائين جوابدار ڌر خالي جڳهن ۾ ويهڻ جي ڪوشش نه ڪري. ميڙ منٿ قافلي سٺي موٽ ملڻ بعد ٻي ڌر ڏانهن وڃڻ بعد ڌرين فيصلي جو اختيار سردارن کي ڏنو ويو جوابدار ڌر فيصلي ٿيڻ تائين خالي گهرن ۾ ويهڻ جي ڪوشش نه ڪندي. نه ئي ڌريون اڳرائي ڪنديون مقتول ڌر جي فريادي دلمراد بروهي ميڙ منٿ قافلي اڳيان دانهون ڪيون ته جوابدار ڌر هڪ نه چار ڀيرا ميڙ موڪلي آهي پر جوابدار قانون حوالي ڪرڻ بدران اڳرائي ڪري مامرو خراب ڪري رهي آهي.