دادو ( رپورٽر ) دادو شهر جي ريلوي اسٽيشن سامهون تلائن وٽ هٿياربند ڦورن جي فائرنگ قتل ٿيل 18 سالن جي دانش پٽ عبدالرئوف جمالي جي واقعي جو 3 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي ، اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او اشفاق احمد منگي جو چوڻ آهي ته مقتول نوجوان جا وارث اڃا ايف آء آر داخل ڪرائڻ ناهن آيا ، صبح جو وارثن جي فرياد تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو ، معلوم ٿيو آهي ته سي سي ٽي وي ڦوٽيجز جي مدد سان شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيلن کان آڏي پڇا ڪئي پئي وڃي ۽ پوليس واقعي دوران هٿياربند ڦورن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل دلاور بوزدار جيڪو هن وقت حيدرآباد جي خانگي اسپتال ۾ زير علاج آهي ان کي پڻ بيان لاء ۽ شڪ ۾ گرفتار ڪيلن جي سڃاڻپ لاء گهرايو ويو آهي ، ٻئي طرف قتل ڪيل نوجوان دانش جمالي جو ٽيجهو ٿي گذريو ، وارثن ۾ سوڳ واري لهر ڇانيل آهي.