شهدادڪوٽ /ميروخان (نمائندن وٽان )ميروخان ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ روپوش جوابدار کي ايڊيشنل سيشن جج شهدادڪوٽ جي عدالت گرفتار ڪرائي جيل اماڻي ڇڏيو، جوابدار ساجد چانڊيو هڪ سال اڳ ميروخان ٿاڻي جي حد ڳوٺ سعد الله چانڊيو ۾ فائرنگ ڪري ڳوٺاڻي ميرحسن چانڊيو کي مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويو هو، جنهن واقعي جو ڪيس ميروخان ٿاڻي تي داخل ٿيڻ کان پوءِ جوابدار مسلسل روپوش هو، جيڪو ايڊيشنل سيشن ۽ ماڊل ڪورٽ جي جج جي عدالت ۾ پڪي ضمانت ڪرائڻ لاءِ پيش ٿيو ته عدالت ضمانت ڏيڻ بدران فوري طور گرفتار ڪرائي سينٽر جيل لاڙڪاڻي اماڻي ڇڏيو. ان حوالي سان ڪيس ۾ فريادي ڌر جي زخمي مير حسن چانڊيو جي ڀاءُ احمد خان چانڊيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪورٽ سڳوري ضمانت لاءِ آيل جوابدار ساجد چانڊيو کي گرفتار ڪرائڻ بعد جيل اماڻي انصاف ڪيو آهي .