چڙيا گهر ۾ شينھن جي مرڻ واري واقعي تي شرمندو آھيان: مرتضيٰ وهاب

0
206
سپريم ڪورٽ مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اسٽف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته  گذريل ڏينهن چڙيا گهر ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، انسان هجي يا جانور ان تي تڪليف ٿيندي آهي،  معاملي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ته هي واقعو پيش ڇو آيو، شينهن بيمار هو ۽ ان جي ميڊيڪل رپورٽ به آئي هئي، بدقسمتي سان چڙيا گهر ۾ ڪجهه مافيائون سرگرم آهن

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته چڙيا گهر جي ڊائريڪٽر کي مون مقرر نه ڪيو هو، ان کي مون کان اڳ مقرر ڪيو ويو هو، ان جي خلاف اڳ به هڪ جاچ ڪرائي وئي هئي ۽ ان کان پوءِ آڪٽوبر مهيني ۾ مان ڊائريڪٽر کي بدلي ڪيو هو

هن چيو ته چڙياگهر جي جيڪا حالت آهي ان کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش تي مافيا رڪاوٽون وجهن ٿا، مون کي شڪايتون مليون ته آڪٽو بر ۾ مان ڊائريڪٽر زو کي هٽائي هڪ ڊي ايم جي آفيسر کي مقرر ڪيو ۽ ڊائريڪٽر زو عدالت مان اسٽي وٺي آيو، انهي کانپوءِ ڊائريڪٽر زو طور هڪ 19هين گريڊ جي آفيسر کي مقرر ڪيو ته وري نومبر ۾ هو آفيسر عدالت ۾ ويو ۽ ٻيهر آرڊر معطل ڪرائي آيو، اداري جو سربراهه هجڻ ناتي شرمندو آهيان، پر انهي جا ذميوار اهي آفيسر آهن

هن وڌيڪ چيو ته عدالتن کي گذارش آهي ته انتظاميه جو موقف ٻڌڻ بعد اسٽي آرڊر جاري ڪن، جيڪو اتي مقرر ٿيل آهي اهو سٺي شهرت نٿو رکي، انهي خلاف ڪارروائي ڪريان ٿو ته اتي ڇا ڇا ڪيو وڃي انهي ڊائريڪٽر زو کي معطل ڪيو

هن چيو ته عدالت مان اسٽي آرڊر وٺي آيل ڊائريڪٽر کاڌو کارائيندڙن جا بل روڪي ڇڏيا جنهن ڪري اهڙو واقعو پيش آيو آهي، عدالت انتظامي معاملن ۾ انتظاميا جو موقف ٻڌڻ کان پوءِ ڪو حڪم ڏين ها ته شايد هي واقعو پيش نه اچي ها

هن چيو آهي ته اڄ ان نااهل آفيسر کي سسپنڊ ڪيو ويو آهي، ان جي خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي، جانورن سان پيار ڪندڙن جي دل آزاري ٿي آهي ان تي ڪاروائي ضرور ٿيندي،سروس آف دي فيڊريشن جا آفيسر وفاق ۽ صوبن ۾ ڪم ڪندا آهن جنهن جو وفاق ۽ صوبن جو هڪ فارمولو جڙيل  آهي، جنهن موجب ڪجهه آفيسر وفاقي ۽ ڪجهه صوبائي آفيسر مقرر ڪيا ويندا آهن

هن چيو آهي ته 20  هين گريڊ جا آفيسر جڙيل فارمولي موجب 67 آفيسر وفاق جا هجڻ گهرجن پر هن وقت سنڌ ۾ وفاق جا رڳو 20 آفيسرز مليل آهن، سنڌ سرڪار پاران وفاق کي هن سال 3 خط لکيا ويا ته آفيسر ڏنا وڃن پر ڪوبه جواب نه مليو،  وڏي وزير اهڙي آگاهي سپريم ڪورٽ کي به ڏني آهي

هن چيو آهي ته سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته سنڌ کي آفيسرز ڏنا وڃن پر اڃا تائين آفيسر ناهن مليا، سنڌ حڪومت جي صلاح مشوري کان سواءِ وفاق پاران سنڌ مان آفيسر بدلي ڪيا پيا وڃن جيڪا قانون جي ڀڃڪڙي آهي