اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چين ۾ تيار ڪيل ٻه جنگي جهاز پي اين ايس ٽيپو سلطان ۽ پي اين ايس شاهجهان پاڪ بحريا جي ٻيڙن ۾شامل ٿي ويا. پاڪ بحريا جي ترجمان طرفان بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان لاءِ تيار ڪيل ٻن جنگي بحري جهازن پي اين ايس ٽيپو سلطان ۽ پي اين ايس شاهجهان جي ڪمشننگ تقريب چين جي هڊونگ زونگهوا شپ يارڊ شنگهائي ۾ رٿي وئي. چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ روايتي ڪمانڊ اسڪرولز جهازن جي ڪمانڊنگ آفيسرن حوالي ڪئي. ترجمان موجب ٻئي جهاز جديد ترين هٿيارن ۽ ٽيڪنالوجي سان ليس آهن ۽ ٻئي جهاز هر قسم جي جنگي حالتن ۾ اثرائتي ڪارروائي جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿا.