واشنگٽن (م ڊ) وچ آمريڪا ۾ بس روڊ تان تِرڪي کاهيءَ ۾ وڃي ڪري، کاهيءَ ۾ موجود ماکيءَ جي مکين حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا مري ويا. نڪارا گوا ۾ اهو افسوس جوڳو واقعو پيش آيو، جتي بس جي حادثي ۾ ته ڪو به فوت نه ٿيو پر ان کان پوءِ ماکيءَ جي مکين جي حملي سبب 6 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا. اختيارين ٻڌايو ته حادثي جي نتيجي ۾ بس 160 گھري کاهيءَ ۾ وڃي ڪري جتي ماکي ويٺل هئي ، ماکي جي مکين 60 مسافرن مان 45 مسافرن تي حملو ڪيو جنهن ۾ 84 ورهين جي شخص ۽ 8 ورهين جي ٻارڙيءَ سوڌو 6 ڄڻا مارجي ويا. مقامي اختيارين ٻڌايو ته ٻين زخمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو.