چيلهار (ن پ ا) چيلھار واسي پورھيت کيتو ميگھواڙ جو 15 سالن جو پٽ انيل ڪمار تيز بخار بعد ذهني ۽ جسماني طور معذور بڻجي ويو آهي، ان ڏس ۾ پورھيت کيتو ميگھواڙ پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو 3 سال اڳ پٽ کي تيز بخار ٿيو، جنھن بعد ھو ذھني توڙي جسماني طور معذور ٿي ويو آھي، هن چيو ته علاج لاءِ مون وٽ جيڪو ڪجھه ھو کپائي ڇڏيو، ھاڻي علاج ڪرائڻ جي سگهه ناهي، مزدوري ڪري پيٽ پاليان ٿو، غريب ھئڻ سبب پٽ جو علاج نٿو ڪرائي سگھان، هن سرڪار ۽ سرندي وارن کي پٽ جي علاج ۾ مدد جي اپيل ڪئي.