جاتي(ن پ ا) جاتي سجاول روڊ رهڙيا بس اسٽاپ وٽ ڪري ويل مين روڊ جي پل ڪيترائي مهينا گذرڻ باوجود تعمير نه ٿي سگهي ايندڙ ويندڙ گاڏيون ڪتارون ڪري گذرڻ مجبور ٿي ويون آهن جڏهن ته حادثا ٿيڻ معمول بڻجي وي آهن،جاتي جي شهرين ۽ ڊرائيور ايسوسيشن جي اڳواڻن پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته پل کي تقريب ٻه هفتا گذري رهيا آهن، جنهن پل تان ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ٽرانسپورٽ گذري ٿي پر انتظاميان جي نااهلي سبب مرمتي ڪم سست رفتاري جو شڪار هجڻ ڪري ٽرانسپورٽر سخت پريشان ٿين ٿا ۽ ڪيتريون ئي گاڏيون حادثي جو شڪار ٿيون آهن، هنن مطالبو ڪيو ته پل جو ڪم جلد مڪمل ڪري پريشاني کان بچايو وڃي.