خيرپور (رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت شاخ خيرپور جون ساليانيون چونڊون ضلع رابطا سڪريٽري ڊاڪٽر انور پرديسي ۽ چونڊ ڪميٽي جي ميمبرن ياسر بوزدار ۽ عاجز غلام رسول ابڙو جي نگراني هيٺ مقامي هوٽل ۾ ٿي گذريون جنهن ۾ اتفاق راءِ سان سيڪريٽري اعجاز جيون، جوائنٽ سڪريٽري الطاف راجا، خزانچي گلبھار ڪٽوهر، آڊيٽر بشارت سهرياڻي ۽ ڪائونسلر حبدار جاگيراڻي کي چونڊيو ويو. جڏھن ته ڪاروباري ڪاميٽي تي قاسم ملڪ، فيض علي ڪٽوهر، تاج سروهي، محبتي مهيسر ۽ نامي ارشاد چونڊيا ويا.