چيلهار (ن پ ا) يوسي جوڙئو جي مختلف ڳوٺن جي رهواسين گذريل ڏينهن يوسي سيڪريٽري خلاف احتجاجي مظاهري بعد رڪاوٽون وجهي نئون ڪوٽ- چيلھار روڊ بلاڪ ڪري سخت احتجاج ڪندي چيو ته يوسي جوڙئو جي سيڪريٽري ن9 مهينن دوران ڪوبه ترقياتي ڪم نه ڪرايو آهي. هنن الزام هنيو ته ڄاڻايل سيڪريٽري ڪرپشن ۾ ملوث آهي، سندس خلاف انڪوائري ڪرائي وڃي.