ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ ) ٺٽي ۽ مڪليءَ ۾ رمضان جو ڀلارو مهينو شروع ٿيندي ئي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي متاثر هجڻ ڪري ٻنهي شهرن جي 4 لک کان مٿي انساني آبادي پيئڻ جي پاڻي کان محروم ٿي وئي. ان ڏس ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي توڙي ميونسپل ڪاميٽي ٺٽو ۽ ٽائون ڪاميٽي مڪليءَ جي انتظاميا جي غفلت سبب ٺٽي شهر ۽ ضلعي هيڊڪوارٽر مڪلي ۾ گذريل ٻن هفتن کان پيئڻ جي پاڻيءَ سخت بحران پيدا ٿي ويو آهي. ٻنهي شهرن ۾ پاڻيءَ جي فراهمي متاثر هجڻ ڪري 4 لک کان مٿي انساني آبادي رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ پيئڻ جي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپي رهي آهي. ڪيترن ئي ڏينهن کان گھرن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب شهري پيئڻ جو پاڻي خريدڻ تي مجبور بڻجي ويا آهن. ٻئي پاسي ٺٽي شهر توڙي مڪليءَ ۾ پاڻيءَ جي فراهمي متاثر هجڻ ڪري نمازين لاءِ وضو ڪرڻ پڻ مشڪل بڻيل آهي. هوڏانهن ٺٽو شهر جي مختلف پاڙن جي عورتن نجمه شيخ، امينه ڀٽي، زرينه بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ خالي بالٽيون، ڪولر ۽ ڪين کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري شهر ۾ پاڻيءَ جي سخت اڻاٺ خلاف نعريبازي ڪئي وئي. مظاهرين جو چوڻ هو ته گذريل ٻن هفتن کان ٺٽو شهر ۾ پاڻي جو سخت بحران آهي. رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ به گھرن ۾ پيئڻ جو پاڻي ناهي. پئسن سان پاڻي خريدڻ تي مجبور آهيون. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور پاڻي فراهم ڪري سندن بنيادي مسئلو حل ڪيو وڃي.