اسلام آباد (م ڊ)حڪومتي وزيرن  چيو آهي ته آڊيو ليڪس تي چيف جسٽس کان ڪيئن ٿي صلاح ڪري سگھجهي، خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي وفاقي گھرو وزير رانا ثناءُ الله چيو ته چيف جسٽس، سندس ناٺي ۽ سس جون به آڊيو لييڪس آهن. ان صورتحال ۾ ساڻس ڪيئن ٿي صلاح ڪري سگهجي. هن چيو ته قانون ۾ناهي لکيل ته ڪميشن لاءِ چيف جسٽس کان صلاح ڪئي وڃي.  هن چيو ته جڏهن جٿا آرمي جي حدن ۾ اچن ٿيون ته اهو حملي برابر آهي. فوجي ملڪيتن تي حملن جا 7 ڪيس داخل ٿيل آهن. ان ۾ ثبوت به موجود آهن. عمران خان وڏي محنت سان انهن زهنن ۾ نفرت پوکي. اسين جاچ کي منطقي انجام تي پهچائينداسين. لانگ مارچ به ان پلان جو حصو هو، تڏهن آرمي چيف جي مقرري ٿيڻي هئي. هن چيو ته  آرمي چيف جي مقرري روڪڻ لاءِ پوري پلاننگ ٿي هئي. انهن واقعن جي انڪوائري ٿي ته اهو معاملوبه سامهون اچي ويندو. معاملا نه سنڀاليون ها ته بغاوت ٿي وڃي ها. ان پويان ٻيا به ماڻهو هوندا پر مهرو عمران خان آهي. هوڏانهن دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته عدليه جو هڪ ٽولو پنهنجي آڊيوز تي پاڻ فيصلو ڪرڻ لاءِ ويهي رهيو آهي، اهي پنهنجي آڊيو ليڪس جا پاڻ ئي منصف بڻجي ويا، بچاءَ واري وزير عدالتي ڪميشن خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪندڙ بئنچ تي اعتراض ڪندي چيو ته ڪجهه ججز آڊيو ليڪس ڪميشن کي پنهنجي هٿ ۾ کڻي ورتو آهي، عمران خان تي قاتلاڻي حملي وقت ايڏو ردعمل نه آيو، پوءِ گرفتاري تي ڇو آيو؟ 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو، اُهو رياست سان بغاوت آهي، پي ٽي آءِ ڇڏيندڙن لاءِ پارٽي ڇڏڻ ڪا شرم جوڳي ڳالهه ناهي، ڪجهه ماڻهن ته چار پنج ڀيرا پارٽيون تبديل ڪيون آهن، سڀ ڄاڻن ٿا ته اُهي ڊوڙون پائي رهيا هئا، هڪ ٻن سياستدانن کانسواءِ ٻين کي 8 کان 10 سال اڳ پيدا ڪيو ويو هو، اُميد ته هي تجربو ناڪام ٿيڻ بعد اڳتي سياستدان پيدا ڪرڻ جي روايت ختم ٿي ويندي.