اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ حامد خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جيڪو فيصلو ڪيو آهي اهو دست آهي. هن چيو ته سول عدالتن جي موجودگي ۾ ڪنهن کي به ملٽري ڪورٽن حوالي نٿو ڪري سگھجي.  ملٽري ڪورٽن آڏو سولين جا ڪيس وڃڻ لاءِ آئين واضح آهي. ڪنهن پارٽي جي ڪارڪنن کي توهين آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي نٿا ڪري سگهو. هوڏانهن ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي وڪيل شعيب شاهين چيو ته فون رڪارڊ ڪندڙ لاءِ 3 سال سزا آهي. سپريم ڪورٽ ائين مطابق بهترين فيصلو ڏنو.