اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آڊيو ليڪس عدالتي ڪميشن جي قيام وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪندي ڪميشن کي ايندڙ ٻڌڻي تائين ڪم کان روڪي ڇڏيو،  چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 5رڪني لارجر بينچ پاران درخواستن تي ٻڌڻي جو حڪمنامو جاري ڪيو ويو جيڪو چيف جسٽس عمر عطا بنديال لکيو، 8 صفحن تي ٻڌل حڪمنامي ۾ عدالت چيو آهي ته وفاقي حڪومت پاران آڊيو ليڪس بابت ڪميشن جوڙڻ جو 19مئي تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو ان کي معطل ڪجي ٿو، چيف جسٽس جي مرضي بنا سپريم ڪورٽ جي ڪنهن به جج کي ڪميشن جو حصو نٿو بڻائي سگهجي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سميت جوڊيشل ڪميشن ۾ شامل ٻين ٻن ميمبرن تي به اهو ئي اصول لاڳو ٿيندو، هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽسز جي ڪنهن ڪميشن ۾ شموليت به چيف جسٽس پاڪستان جي اجازت سان مشروط آهي، حڪمنامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪميشن جي ڪارروائي تي اسٽي آرڊر جاري ڪجي ٿو، درخواستن تي ايندڙ ٻڌڻي 31مئي اربع ڏينهن ٿيندي، حڪومت پاران قائم ڪيل ڪميشن جي جوڙجڪ شڪي آهي، وفاقي سرڪار پاران ججز کي نامزد ڪرڻ سان شڪ پيدا ٿيا، ڪميشن خلاف 4 درخواستون داخل ڪيون ويون هيون ان کان اڳ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران درخواستگذار عمران خان پاران ڪو وڪيل پيش نه ٿيو، سُپريم ڪورٽ جي صدر عابد زبيري جي وڪيل جا تفصيلي دليل ٻُڌا، وڪيل شعيب شاهين جو موقف هو ته ڪميشن جو نوٽيفڪيشن اختيارن جي ورڇ واري آئيني اصول جي ڀڃڪڙي آهي، عمران خان، سُپريم ڪورٽ بار جي صدر ۽ ٻين آڊيو ليڪس عدالتي ڪميشن کي چئلينج ڪيو هو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته حڪومت ججز ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، حڪومت عدليه جي معاملي ۾ ڪوارٽرز جو خيال ڪري، چيف جسٽس چيو ته وفاقي سرڪار کي گذارش آهي ته آئين جو احترام ڪندي روايتن پٽاندڙ عمل ڪري، اهو طئه ڪير ڪندو ته ڪهڙي جج اخلاقي ضابطي جي ڀڃڪڙي ڪئي، حڪومت چيف جسٽس جي اختيارن کي ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ تڪڙ ۾ قانونسازي ڪئي،ٻڌڻي شروع ٿي ته اٽارني جنرل حڪومت پاران بينچ ۾ چيف جسٽس جي شموليت تي اعتراض ڪري ڇڏيو، اٽارني جنرل چيو ته ادب سان درخواست آهي ته چيف جسٽس هن بينچ جو حصو نه بڻجي، جنهن تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته مون کي معلوم هو ته اوهان اعتراض اٿاريندا، عدليه حڪومت جي ماتحت ناهي آئين ۾ اختيار جي تقسيم آهي اوهان جي درخواست قابل احترام آهي، اوهان جو مطلب آهي ته آئون بينچ کان الڳ ٿي وڃان؟ چيف جسٽس چيو ته عدليه بنيادي انساني حقن جي  محافظ آهي اوهان اسان جي انتظامي اختيار ۾ مداخلت نه ڪريو، چيف جسٽس چيو ته اٽارني جنرل صاحب عدليه جي آزادي جو معاملو آهي، بس گهڻو ٿي ويو اٽارني جنرل صاحب اوهان ويهي رهو. چيف جسٽس چيو ته توهان کي اعتراض جو حق حاصل آهي، حڪومت ڪنهن به جج کي مرضي سان نٿي ويهاري سگهي، توهان اسان سان مشورو ڪريو ها ته ڪو سٺو رستو ٻڌايون ها، چيف جسٽس چيو ته حڪومت ڪيئن سپريم ڪورٽ جي ججز کي پنهنجي مقصدن لاءِ چونڊي سگهي ٿي، هڪ جج مرضي جو مقرر ڪيو، چيف جسٽس جي مشاورت کانسواءِ ڪيئن قدم کنيو ويو؟ انڪوائري ڪميشن ايڪٽ 1956 ۾ به مشاوت جو نه هو، هي هڪ پريڪٽس آهي ڪميشن لاءِ جج چيف جسٽس نامزد ڪندو، اهڙا ٽئي نوٽيفڪيشن واپس ورتا ويا جن ۾ چيف جسٽس جي مشاورت شامل نه هئي، سپريم ڪورٽ جا ان حوالي سان 5 فيصلا موجود آهن، اٽارني جنرل چيو ته ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ 2017ع ۾ مشاوت جو ناهي چيو ويو، چيف جسٽس چيو ته حڪومت ڪميشن ۾ ضمانت ۽ فيملي ميٽرز کي به وجهي ڇڏيو، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ چيو ته هي معاملو حل ٿي سگهي ٿو ، چيف جسٽس چيو ته ائين آهي ته وڃو ان کي حل ڪريو پوءِ اسان به اوهان جي مدد ڪنداسين، اٽارني جنرل چيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ قانون جي ڪيس سميت ٻين ۾ فل ڪورٽ جي درخواست ڪئي، چيف جسٽس چيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ قانون ۾ لکيل آهي ته 5 ججز تي بنيچ ٻڌل هوندي، اوهان جي فل ڪورٽ جي درخواست ته ان قانون خلاف هئي اسان 8 ججز تي بينچ جوڙي، اٽارني جنرل چيو ته قانون 5 ججز جو چوي پيو ته 5 ججز ڇو نه هئا ؟ چيف جسٽس چيو ته آئين جو احترام ڪريو، اليڪشن جي ڪيس ۾ جيئن اوهان کي چيو جيڪڏهن اوهان اسان سان مشورو ڪريو ها ته اوهان جي مدد ڪريون ها، چيف جسٽس چيو ته اسان جي پڇڻ بنا عدليه جي مامرن ۾ مداخلت ڪندا ته ! چيف جسٽس ايئن چئي جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو، چيف جسٽس چيو ته 9 مئي جي واقعن سان اهو فائدو ٿيو ته عدليه خلاف جيڪا بيانبازي ٿي رهي هئي، اُها ختم ٿي وئي، توهان اسان جي انتظامي مامرن ۾ مداخلت نه ڪريو، اسان حڪومت جو احترام ڪريون ٿا، حڪومت به ادارن جو احترام ڪري جنهن ۾ عدليه به آهي.