ملير (رپورٽ: ناز شر) قائد آباد ۾ سرڪاري زمين تي مبينا قبضي واري معاملي تان پيپلز پارٽي جي ٻن اڳواڻن ۾ تڪرار، متضاد دعوائون. خبر موجب قائدآباد ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ڀرسان قيمتي پلاٽ تي قائم اڏاوتن کي 2 مهينا اڳ آپريشن ڪري ڊاهڻ واري معاملي بعد پيپلز پارٽي ملير مان چونڊيل ايم اين اي آغا رفيع الله ۽ پ پ ضلعي اولهه جي صدر اقبال ساند ۾ تڪرار تيز ٿي ويو، پيپلز پارٽي ضلعي اولهه جي صدر اقبال ساند پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته هن ڄاڻايل پلاٽ 2018 ۾ نوريز خان ۽ معراج خان کان خريد ڪيو. ايم اين اي آغا رفيع الله مون کان اهو پلاٽ اڌ قيمت تي خريد ڪرڻ چاهيو، منهنجي انڪار بعد ڊرامو رچايو ويو آهي. مون سڄي معاملي بابت وزيراعليٰ کي درخواست ڏني آهي. رابطو ڪرڻ تي ايم اين اي آغا رفيع الله ٻڌايو ته ڄاڻايل پلاٽ تي ٽراما سينٽر ٺهرائڻ چاهيون ٿا، ان لاءِ مون اڳ به درخواست ڏني هئي، اسان عوام جي ووٽن تي ملير مان چونڊيل نمائندا آهيون، اسان ملير جي زمينن جي مالڪي ڪنداسين. ٻئي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر ابراهيم حيدري عبدالستار هڪڙو ٻڌايو ته ڄاڻايل پراپرٽي روينيو کاتي جي ملڪيت آهي، جنهن جو ڪيس ڪورٽ ۾ هلندڙ ۽ 26 مئي تي ٻڌڻي مقرر ٿيل آهي.