حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ هائوسنگ اسڪيم تان ٻن ڌرين ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي, ٻنهي ڌرين هڪٻئي خلاف الزام هڻندي مبينا طور ڪروڙين رپين جي رقم ۾ خرد برد ۽ هڪٻئي مٿان ڀتا خوري جو الزام هنيو آهي، هائوسنگ اسڪيم جي چيف ايگزيڪيوٽو ايڊووڪيٽ سلامت علي لاکو جي ماسات، پلاٽ هولڊر جانب لاکو ۽ مئنيجر عاشق علي ڀٽي مبينا طور الزام هڻندي چيو آهي ته قبضا مافيا ۽ فراڊ مافيا جي سرگرم ڪارڪن چوڌري نظام آرائين ۽ ٻين پوليس سان گڏجي سندن هائوسنگ اسڪيم تي قبضو ڪري ايڊووڪيٽ سلامت لاکو جي 12ورهين جي پٽ اسد علي لاکو، ملازم علي گوهر شاهه ۽ گل حسن لاکو کي مبينا طور اغوا ڪري گم ڪرائي ڇڏيو آهي. پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس دوران هنن چيو ته نظام آرائين فراڊ ڪري سياسي بااثر شخص معرفت سندن اسڪيم تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪري، جنهن معاملي بابت عدالت ۾ پڻ درخواست داخل ٿيل آهي. ٻئي طرف حيدرآباد واسي ميرپورخاص ۾ رهائشي اسڪيم جي مالڪ فقير چوڌري نظام الدين آرائين اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته کانئس 10 ڪروڙ رپين جو فراڊ ڪري موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ ايڊووڪيٽ سلامت لاکو، امانت لاکو ۽ سندن ساٿين خلاف ڪارروائي ڪري کيس تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي. پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس دوران چوڌري نظام الدين آرائين دعويٰ ڪئي ته ميرپورخاص ۾ 62 ايڪڙ زمين مختلف ماڻهن کان خريد ڪري اتي هن 2 هائوسنگ اسڪيمون شروع ڪيون، جنهن ۾ ڪجهه وقت کانپوءِ زوهيب تنيو نالي شخص ساڻس حصيدار ٿيو. بعد ۾ هن ڀتاخور ماڻهن سان ملي گڏيل اڪائونٽ مان مختلف وقتن تي 10 ڪروڙ رپيا ڪڍرايا ۽ پراسرار نموني گم ٿي ويو، جڏهن ته ميرپورخاص سلامت لاکو پڻ کيس فون ڪري مبينا طور ڀتو گهريو ۽ نه ڏيڻ تي هن سندس ذاتي بنگلي تي قبضو ڪري هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن.