چونڊڪو (ن پ ا) کينهواري ٿاڻي جي حد ڳوٺ گهرام جي رهواسڻ شبيران ملاح پنهنجي مڙس برڪت جاگيراڻي خلاف پيرسن ماءُ ستابي ملاح ۽ ڀائرن ربنواز ملاح، غوث بخش، قلندربخش ملاح سان گڏ احتجاج ڪيو. شبيران ملاح صحافين آڏو دانهيندي چيو ته 20سال اڳ پهرين مڙس مريد ملاح ۽ ٻن نياڻين کي ڇڏي برڪت جاگيراڻي سان پسند جي شادي ڪئي هئي، منهنجيون ٻئي ڌيئرون پنهنجي پيءُ پهرين مڙس وٽ رهنديون هيون. هن چيو ته هفتو اڳ منهنجي نياڻي مختيارخاتون زال امان الله ملاح محراب پور کان مونسان ملڻ آئي هئي، منهنجي لالچي مڙس برڪت جاگيراڻي منهنجي ڌيءُ ۽ سندس پٽ کي وڪرو ڪري ڇڏيوآهي. شبيران ملاح چيو ته ڌيءُ بابت پڇا ڪرڻ تي ٻئي مڙس جاگيراڻي برادري جي هڪ نوجوان سان مون تي ڪارنهن جي ڪوڙي تهمت هڻي سخت مارڪٽ ڪئي، 6 ٻار کسي گهران تڙي ڪڍي ڇڏيو آهي، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.