شڪارپور (رپورٽر) ھمايون ڀرسان گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيل علي نواز زخمن جا سور نه سھندي فوت، مقتول جي وارثن پاران جيل چورنگي تي ٽن ڪلاڪن تائين لاش رکي ڌرڻو، پوليس ي خاطري بعد احتجاج ختم، خبر موجب گذريل ڏينھن ھمايون ڀرسان ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ اعجاز ڀٽو ٿڏي تي مارجي ويو ھو، جڏهن ته علي نواز ۽ موسيٰ ڀٽو زخمي ٿي پيا هئا، جن مان علي نواز ڀٽو سکر جي ھڪ نجي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، نوجوان جي وارثن ۽ ڀٽا برادري جي ماڻھن جيل چورنگي وٽ لاش رکي ٽن ڪلاڪن تائين ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنھن سبب چئني صوبن کان ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون، ان موقعي تي مقتول جي وارثن طالب حسين ڀٽو، الله ڏنو، اڪبر علي، محمد موسيٰ ڀٽو ۽ ٻين چيو ته سيانچ برادري جي ھٿياربندن ناحق اسان جي ٻن نوجوانن کي قتل ڪري ظلم ڪيو آھي، ھنن جو چوڻ ھو ته شڪارپور پوليس 2 ڏينھن گذري وڃڻ باوجود جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن اي ايس پي سٽي فاضل شاهه احتجاج ڪندڙن وٽ پهچي ڪيس داخل ڪرڻ توڙي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، مقتول نوجوان جو لاش گهر پهتو ته وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، ٻئي طرف خبر موڪلڻ تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.