نئون ديرو (ن پ ا) نئون ديرو ويجهو ڪارنهن تڪرار جي فيصلي دوران قتل ٿيل نوجوان جو مڙهه مٽي ماءُ حوالي، نه يس داخل ٿيو ۽ نه ئي جوابدار گرفتار ٿي سگهي. خبر موجب گذريل ڏينهن ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ گذريل ڏينهن هٿياربند هٿان قتل ڪيل نوجوان ساجد خان چانڊيو جي جنازي نماز ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سميت چانڊيا برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. هوڏانهن ڳڙهي خدابخش ڀٽو پوليس قتل ۾ ملوث جوابدارن جو پتو لڳائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي آهي ۽ هن وقت تائين ڪو به جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي. آخري اطلاعن موجب مقتول جو ڀاءُ جاويد ڀٽو جي فرياد تي علي رضا چانڊيو عرف لکمير ، فدا چانڊيو ۽ ٻن اڻسڃاتلن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي