لاهور (م ڊ) ق ليگ جي اڳواڻ چوڌري شجاعت حسين ملڪ ۾ عام چونڊن جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي، چوڌري سالڪ حسين جو چوڻ آهي ته چوڌري شجاعت حسين وزيراعظم شهبازشريف ۽ آصف زرداري آڏو پنهنجي تجويز رکي ڇڏي آهي، چوڌري شجاعت حسين چيو ته عام چونڊون ڪرايون وڃن، هن چيو ته پ پ يا نواز ليگ ۾ ق ليگ ضم نه ٿيندي، پي ڊي ايم جو فيصلو آهي ته عام چونڊن ۾ سڄي ملڪ ۾ گڏيل اميدوار بيهاريا وڃن، ق ليگ اڳواڻ چوڌري سالڪ حسين مطالبو ڪندي چيو ته جنرل باجوه وضاحت ڏئي ته هن پرويز الاهي کي تحريڪ انصاف ۾ وڃڻ لاءِ ڪال ڪئي هئي يا نه؟