ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ خدشا ختم نه ٿيڻ جي صورت ۾ آدمشماري کي رد ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو،  ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ هارين ۽ آبادگارن لاءِ رٿيل پروگرام دوران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايتن تي برسات متاثر آبادگارن جي مالي سهائتا ڪرڻ ۾ ٿوري دير ٿي آهي، جنهن لاءِ آبادگارن کان معذرت خواھ آهيان، وفاقي حڪومت پاران سبسڊي جي اڌ رقم ڏيڻ کان معذرت ڪئي وئي، جنهن بعد سنڌ حڪومت پاران  پنهنجن وسيلن مان آبادگارن کي  في ايڪڙ 5 هزار رپيا ڏناپيا وڃن ، هن چيو ته اسان ڪڻڪ جي پوکي وقت  ٻِج  جو بندوبست نه ڪري سگهياسين، هاڻ آبادگارن کي روڪ رقم جاري ڪئي پئي وڃي هن چيو ته برساتن سبب صوب جي 44 مان 36 لک ايڪڙن تي بيٺل  خريف جي فصلن کي نقصان ٿيو، جنهن سان صوبي ۾ ڀاڻ، خوراڪ ۽ معاشي مسئلا پيدا ٿيا، هن وڌيڪ چيو ته پهرن مرحلي ۾ سنڌ جي 25 ايڪڙن تائين جي 185928 آبادگارن کي في ايڪڙ تي 5 هزار رپيا ڏنا ويندا، پهرين مرحلي ۾ 4.227 ارب ادا ڪري رهيا آهيون. وڏي وزير چيو ته آدم شماري بابت اسان کي آگاهي نه پئي ڏني وڃي، جيڪڏهن سنڌ جي آبادي کي گھٽ ڳڻيو ويو ته اسان کان اهو عمل برداشت نه ٿيندو، اسانکي آدم شماري بابت خدشا آهن، شماريات کاتي جي چيئرمين کي پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪيو آهي ته جنهن کي ڳڻيو وڃي ٿو، انهي جي ڊيٽا صوبائي حڪومت کي فراهم ڪئي وڃي،  هن چيو ته آدم شماري بابت بابت اسان کي آگاهي نه پئي ڏني وڃي، هن چيو ته شماريات کاتو اسان کي خاطري ڪرائي ته صوبي ۾ آبادي کي درست ڳڻيو ويندو، ٻي صورت ۾ اسان آدمشماري کي رد ڪري ڇڏينداسين.