ڪراچي: سنڌ ۾ 2320982 ايڪڙ زمين 255609 ننڍن آبادگارن وٽ موجود آهي، ان حوالي سان سنڌ جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ جو چوڻ هو ته ساڍا 12 ايڪڙن کان گهٽ جا 845461 آبادگار آهن، جن وٽ مجموعي طور تي 185928 ايڪڙ ايراضي آهي، 12.5 کان 25 ايڪڙن جي 51592 آبادگارن وٽ 825563 ايڪڙ زمين آهي، 25 کان 50 ايڪڙن تائين جي 12271 آبادگارن وٽ 290334 ايڪڙ ايراضي آهي، 50 ايڪڙ کان وڌيڪ 5818 آبادگارن وٽ 359624 ايڪڙ ايراضي آهي، هن چيو ته سانگهڙ ۾ 25369، خيرپور ۾ 20975، بدين ۾ 12788، نوشهروفيروز ۾ 12786، ميرپورخاص ۾ 11892،  دادو ۾ 9606،  گھوٽڪي ۾ 9359، قمبر ۾ 9070، شڪارپور ۾ 7409، سکر ۾ 6472، ٺٽي ۽ سجاول ۾ 6362، عمرڪوٽ ۾ 5686، جيڪب آباد ۾ 4353، مٽياري ۾ 4119، ٽنڊوالهيار ۾ 4066، ڄامشورو ۾ 3218، ۽ ڪشمور ۾ 2711، ٽنڊومحمد خان ۾ 1912، ٿرپارڪر ۾ 692،  حيدرآباد ۾ 512 ۽ ڪراچي(ملير ) ۾ 70 آبادگارن کي سبڊي ملندي