پنگريو  (ن پ ا) ٽائون ڪاميٽي پنگريو  جي ٽن وارڊن تي چونڊ سرگرميون ٻيھر شروع نه ٿي سگھيون آهن.  پ پ ٽڪيٽ ھولڊر وارڊ 3 جي ڊاڪٽر  راجا لوھاڻو وارڊ 2جي ميرمحمد بخش ٽالپروارڊ 1جي پٽيل عيسو ملاح 15جنوري تي بلدياتي اليڪشن لاء ورڪ شروع نه ڪري سگھيا آھن جڏھن ته مرزا گروپ جي وارڊ 1جي اميدوار، گلزار ملاح وارڊ 2 تي مرزا گروپ جي غلام قادر لنڊ ۽ وارڊ 3جي مرزا گروپ جي عبدالعزيز لغاري جو پ پ جي اميدوارن سان مقابلو ٿيڻو آھي پر اليڪشن ۾ ھڪ ھفتي کان به گھٽ وقت رھجي وڃڻ باوجود پنگريو ۾ ٻنھي پارٽين جون آفيسون کلي نه سگھيون آھن. انھي سلسلي ۾ پنھنجي اخبار طرفان رابطو ڪرڻ تي اميدوارن ٻڌايو ته  اليڪشن ٿيڻ يا نه ٿيڻ جي بي يقيني واري صورتحال سبب ھو ورڪ نه ڪري سگھيا  آهن، اسان اڳ به عوام وٽ وياسين پر اوچتو اليڪشن کان ھڪ ڏينھن اڳ چونڊ ملتوي ٿيڻ  سبب سڄي محنت ڪري عوام ۾ جوڙيل پنھنجي حق ۾ راء ڪم اچي نه سگھي ۽ وڏو خرچ به ٿي ويو پر ٻيھراليڪشن  جي اميد پيدا ٿيڻ کانپوء رات ڏينھن ھڪ ڪري ورڪ ڪنداسين۽ محنت ڪري عوام کي پولنگ تي پھچائينداسين