اوڏيرولال(ن پ ا)  يوسي اوڏيرولال اسٽيشن مان آزاد حسيت ۾ اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ لياقت ميرجت ۽ سڪندر ساهووال پاران پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته مٽياري ضلعي جا ايم پي اي ، ۽ ايم اين اي ۽ علائقي جا بااثر وڏيرا اليڪشن تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائي رهيا آهن ته اليڪشن تان هٿ نه کنيو ته اوهان خلاف انتقامي ڪاروايون ڪيون وينديون انهن وڌيڪ چيو ته اسان عوام جي راءِ مطابق ۽ مختلف برادري جي حمايت حاصل ڪرڻ بعد اليڪشن جي ميدان ۾ لٿا آهيون مخالف شخصت کان خوفزدا ٿي  بوڪلائجي ويا آهن انهن وڌيڪ چيو ته يوسي جي عوام اسان کي ڀرپور موٽ ڏئي رهيو آهي مخالفن کي تاريخي شخصت ڏينداسين انهن چيو ته اسان اليڪشن ۾ سوين ڳوٺن جا دورا ڪري عوام جي حمايت حاصل ڪئي آهي اسان ڪنهن به صورت ۾ اليڪشن مان دستبرادر نه ٿينداسين عوام  اسان کي 15 جنوري تي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندي اسان اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ٿا ڪيون ته ڌميڪون ڏيندڙن خلاف ڪاروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.