ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاھ ۾ پي پي اميدوار اليڪشن تان هٿ کڻي ويو آهي. ان ڏس ۾ ڀٽ شاھ ٽائون جي وارڊ نمبر 6 تي بيٺل پي پي اميدوار سيد محمد ڪاظمي عرف ڏاڏا جڙيل شاھ لطيفي آزاد پئنل جي حق ۾ هٿ کڻي منير احمد کوسو جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. سيد محمد ڪاظمي هالا جي رٽرننگ آفيس پهچي لکت ۾ هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي پير آف ڀٽ شاھ سيد فيض عباس شاهه لطيفي ، لطيفي آزاد پئنل جو اڳواڻ سيد گدا حسين شاهه ۽ سيد جراڙ حسين شاهه لطيفي به گڏ موجود هئا. سيد گدا لطيفي جو چوڻ آهي ته ڀٽ شاھ ۾ لطيفي پئنل اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندو ٻي پاسي پيپلزپارٽي اڳواڻ ۽ مخدوم هائوس جي ويجهي ساٿي سيد فيض عباس شاہ لطيفي جو چوڻ آهي ته ڀٽ شاھ جي مفاد خاطر اليڪشن تان دستبردار ٿي لطيفي آزاد پئنل جي حمايت جو فيصلو ڪيو آهي گڏجي ڪم ڪنداسين، پيپلزپارٽي جي اميدوار طرفان دستبردار ٿيڻ بعد ڀٽ شاھ ۾ لطيفي آزاد پئنل جي پوزيشن مضبوط ٿيڻ لڳي آهي،