اسلام آباد(بيورورپورٽ) مولانا فضل الرحمان چونڊ سڌارن بابت ڪميٽي قائم ڪرڻ واري معاملي تي نواز ليگ تي ڪاوڙجي پيو آهي ۽ معاملي تي خدشن جو اظهار ڪندي اعتماد ۾ وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊيم ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پاڪستان مسلم ليگ نون جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. ذريعن چيو آهي ته ڳالهه ٻولهه دوران چونڊ سڌارن بابت ڪاميٽي جي حوالي سان مولانا فضل الرحمان خدشا ظاهر ڪيا. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته جي يو آءِ ڪنهن به چونڊ سڌارن واري ڪاميٽي جو حصو نه هوندي. ذريعن اهو به چيو آهي ته پي ڊي ايم سربراهه چيو ته جي يو آءِ ڪنهن به پليٽ فارم تي عمران خان جي حڪومت سان گڏ نٿي ويهي سگهي. هن اهو به چيو ته پي ڊي ايم جو حصو هجڻ جي ڪري نون ليگ کي ڪنهن به معاملي کان اڳ کيس اعتماد ۾ وٺڻو پوندو.