اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اي سي سي پاڪستان اسٽيل ملز ملازمن کي پگهارن لاءِ 11 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ناڻي وزير شوڪت ترين جي صدارت ۾ اي سي سي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 8 نقاطي ايجنڊا تي منظوري لاءِ غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ ڪامياب پاڪستان پروگرام جي منطوري ڏني وئي، پهرين مرحلي ۾ ڪامياب پاڪستان پروگرام بلوچستان، ڪي پي ڪي، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، ٻئي مرحلي ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي پٺتي پيل ضلعن ۾ به ڪامياب پاڪستان پروگرام شروع ڪيو ويندو، اي سي سي 50 هزار ٽن کنڊ امپورٽ ڪرڻ جي به منظوري ڏني آهي، کنڊ جي امپورٽ ٽن مرحلن ۾ ٿيندي، پاڪستان اسٽيل مل جي ملازمن کي سال 22-2021ع دوران پگهارن جي ادائگي لاءِ 11 ارب رپيا ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي، ذريعن مطابق دفاع وزارت جي سمري تي پاڪ فوج لاءِ فنڊن جي فراهمي، گهرو وزارت جي سمري تي ايف سي سينٽر جي قيام لاءِ فنڊز جي فراهمي جي به منظوري ڏني وئي آهي.