اسلام آباد : وفاقي حڪومت ڪراچي سرڪيولر ريلوي منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي سکر- حيدرآباد موٽروي جي تعمير ۾ سيڙپڪاري لاءِ دلچسپي رکندڙن ڪمپنين لاءِ اشتهار جاري ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ڪراچي سرڪيولر ريلوي منصوبو بي او ٽي بنيادن تي شروع ڪرڻ چاهيون ٿا، پاڪستان جي خواهش آهي ته ان منصوبي ۾ چين جي ڀائيواري به شامل ٿئي، ڪي سي آر منصوبي لاءِ 21 ارب رپين جي منظوري ڏئي چڪا آهيون، ان بابت سپريم ڪورٽ به فيصلو ڏنو آهي، 21 ارب رپين جي ڪي سي آر منصوبي ۾ 6 ارب سنڌ حڪومت جو حصو هوندي، باقي رقم وفاقي حڪومت ڀريندي، اهو منصوبو اڍائي سئو ارب رپين جو آهي، سکر- حيدرآباد موٽروي جي تعمير لاءِ اڳوڻي حڪومت ۾ ڪوششون ٿيون پر ڪم شروع نه ٿيو، پبلڪ پرائيويٽ اٿارٽي سکر- حيدرآباد موٽروي منصوبي جي منظوري ڏني آهي، هاڻي اشتهار جاري ٿي ويا آهن جن ذريعي دلچسپي رکندڙ ڪمپنين کان سيڙپڪاري لاءِ آڇو گهرايون ويون آهن. اسد عمر چيو ته اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته مستقبل ۾ ڪوئلي تي بجلي پيدا ڪرڻ جا منصوبا شروع نه ڪيا ويندا، جيڪي ڪوئلي تي بجلي پيدا ڪرڻ جا منصوبا هلندڙ آهن، اهي مڪمل ڪيا ويندا. هن چيو ته خبر اها آهي ته وزيراعظم ڪجهه ڏينهن ۾ ڪراچي وڃي ڪراچي سرڪيولر منصوبي جي انفرا اسٽرڪچر جو افتتاح ڪندو، اڄ جمعي ڏينهن ايڪنڪ مان ان حوالي سان منظوري ملي ته وزيراعظم ڪجهه ڏينهن ۾ ڪراچي پهچندو.