اسلام آباد(بيورور رپورٽ) مسلم ليگ نون جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ملڪ جي وزيراعظم جي حيثيت اسلام جي ميئر کان وڌيڪ ناهي. آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ جي حمايت واري گناهه ۾ آئون شريڪ نه آهيان. عمران خان سرٽيفائيڊ چور آهي، مخالف ڌر کي مهانگائي خلاف آواز اٿارڻ گهرجي، ٻين کي چور چور چوندڙ عمران خان جي پنهنجي چوري پڪڙجي پئي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته عمران خان جڏهن ڪنٽينر تي هو ته چوندو هو ان وقت مهانگائي وڌندي آهي جڏهن ملڪ جا حڪمران چور هوندا آهن ۽ اهڙي ريت حڪومت سرٽيفائيڊ چور آهي. هن چيو ته هن وقت عوام بدترين مهانگائي ۽ مسئلن سان منهن پيو ڏئي، اهڙي حالت ۾ مسلم ليگ نون خاموش ٿيڻ بدران آواز اٿاري رهي آهي. اي آر واءِ نيوز ۽ ايڪسپريس نيوز جي رپورٽ موجب صحافي مريم نواز کان سوال ڪيو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي مدي ۾ واڌ ڪئي وئي هئي، هاڻ نيب جي چيئرمين جي مدي ۾ به واڌ ڪئي پئي وڃي توهان ڇا چوندا؟ مريم نواز چيو ته پهرين ڏنل ايڪسٽينشن واري گناهه ۾ آئون شريڪ نه آهيان. احتساب عدالت ۾ ميڊيا سان غيررسمي ڳالهيون ڪندي مريم نواز چيو ته نيب چيئرمين جي مدي واڌ جو باقاعده اعلان ٿيندو ته پنهنجو ردعمل ڏينداسين، حڪومت جي پاليسي آهي ته نيب جي چيئرمين جي مقرري مان مخالف ڌر جو ڪردار ڪڍيو وڃي ۽ حڪومتي وزيرن جي ڀائرن کي شامل ڪيو وڃي. هن چيو ته حڪومت جي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ڳالهه ڪرڻ ڌانڌلي جو ئي منصوبو آهي جنهن حڪومت جو بنياد ئي ڌانڌلي آهي ان جو شفافيت سان ڪهڙو واسطو آهي؟ حڪومت کي چئن سالن کانپوءِ به ڌانڌلي جو سهارو وٺڻو پيو پوي. عدالت کان ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اٽو، کنڊ، پيٽرول، بجلي، گيسن جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن مهانگائي سبب عوام بدترين پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي، مخالف ڌر کي عوام جي ڏک سور لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي ۽ عوام سان گڏ بيٺل نظر اچڻ گهرجي، نواز ليگ مهانگائي تي خاموش نه آهي پر آواز اٿاري رهي آهي پر آواز اٿاري رهي آهي. هن چيو ته عمران خان جي حصي ۾ بدترين شرمندگي آئي آهي، ٻاهرين ملڪن مان مليل تحفن ۾ عمران خان جي جڏهن پنهنجي چوري پڪڙجي پئي ته آرام سان چئي ڇڏيائين ته آئون حساب نه ڏيندس. توهان کي جواب ڏيڻو پوندو. اهو توهان جو ذاتي مال نه آهي. عمران خان جي پت وائکي ٿي چڪي آهي، حڪومت جو مدو ختم ٿيڻ لڳندو آهي ته ڪيتريون ئي شيون سامهون اينديون آهن، اهو بهانو نه هلندو ته جواب نه ڏيندس پر هڪ هڪ پائي جو حساب ڏيڻو پوندو. ماڻهن کي چور چوندي چوندي پنهنجو چوري جو مال لڪائي پوئين گهٽي مان نڪرڻ نه ڏينداسين، عمران خان ملڪ جو سڀ کان وڏو سرٽيفائيڊ چور آهي. چونڊ سڌارن بابت هن چيو ته چونڊ سڌارن کي غيرموثر سمجهان ٿي، جيستائين ڌانڌلي جو سوراخ بند نه ڪيو ويندو ۽ جيڪي پنهنجي اختيارن کي اورانگهيندا آهن انهن جي سامهون ڀت نه اڏي ويندي تيستائين سڌارن جو فائدو ناهي.