سن (رپوٽ: شاھنواز شاھاڻي) سن جي قديمي شاھ حيدر قبرستان ۾ دفن ٿيل قديمي ملاح برادري جي وڏڙن جامڙهه قبرستان مان شھر جي بااثر ڪڍرائي ڇڏيا. ذريعن موجب ڪجھه ڏينهن اڳ علائقي جي بااثر شخصيت ملاحن جي مردن عورتن ۽ ٻارن جون ٻارھن قبرون کوٽي انهن مان لاش ڪڍي انهن کي هڪ اجتماعي قبر کوٽي انهن ۾ دفن ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن کان پوءِ اھا ڳالهه شوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، معاملو وائرل ٿيڻ کان پوءِ به ڪنهن قانوني اداري اڃان تائين ڪو به نوٽيس ناھي ورتو. جنهن جي ڪري مختلف سياسي سماجي ڌرين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن ۾ تاءُ پکڙيل آهي، سياسي سماجي اڳواڻن مطالبو آهي ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سن جي ملاح برداري سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي سن ۾ متاثر ملاح برداري وٽ اميرالبحر تنظيم جي اڳواڻن آڪاش ٻاگهل ملاح، ايوب ملاح، جي ايم ملاح سن پهچي احتجاج ڪيو. ھنن کين يقين ڏياريو ته توهان سان انصاف ڪيو ويندو. هوڏانهن سن ايٽ ڇڇر ايس ايڇ او شاھنواز ملھڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان سن جي ملاح برداري سان رابطي ۾ آھيون پر اڃان انهن طرفان ڪو ڪيس وغير داخل نه ڪرايو ويو آهي. ذريعن کان خبر پئي آهي ته سن ٽائون ڪميٽي جي سئيپر کان قبرون کوٽايون ويون هيون.