چونڊڪو (رپورٽ: ممتاز سومرو) چونڊڪو ڀرسان سوراھ ٿاڻي جي حد منڍي پتڻ ۾ پيءُ ننڍو عرف ڪمون جتوئي پنهنجي  نوجوان پٽ 17 ورهين جي نصير جتوئي کي  مبينا طور بندوق جو فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو ، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي جوابدار ڪمون جتوئي  کي گرفتار ڪري ورتو، مقتول نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف  مقتول جي ماءُ مائي سوني جتوئي ٻڌايو ته منهنجي مڙس ننڍو عرف ڪمون جتوئي بيگناھ منهنجي نوجوان پٽ نصير جتوئي کي سيني ۾ گولي هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو آهي، کيس سخت سزا ڏني وڃي.هوڏانهن سوراھ پوليس ٻڌايو ته جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون ته ان واقعي جا ڇا ڪارڻ آهن.