حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ٻهراڙي جي علائقي هوسڙي ڀرسان ملنگ هوٽل وٽ جهنگ مان هڪ اڻڄاتل شخص جو ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو آهي. پوليس قتل جو شڪ ظاهر ڪندي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته جهنگ ۾ ماکي لاهڻ لاءِ ويل ٻارن لاش ڏسي علائقي واسين کي اطلاع ڏنو جنهن کانپوءِ پوليس کي اهڙي آگاهي ڏني وئي. هوسڙي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ ورتو. لاش ڪجهه ڏينهن پراڻو آهي. ڦاهو لڳل شخص جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي. علائقي واسين موجب مٺو ڪولهي نالي هڪ نوجوان ڪجهه ڏينهن کان گم آهي جيڪو اڃا تائين هٿ اچي نه سگهيو آهي. مٺو ڪولهي جي وارثن کي به واقعي واري هنڌ گهرايو ويو.