اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ ملڪ ۾ ٽيڪنو ڪريٽ حڪومت جو امڪان رد ڪندي حڪومت کي عام چونڊن جي تاريخ جي اعلان لاءِ ٻن هفتن جي آخري مهلت ڏيندي اعلان ڪيو آهي ته حڪومت اعلان نه ڪيو ته هلندڙ مهيني ئي احتجاج جو آخري سڏ ڏنو ويندو، مهانگائي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان به ڪيو ويو آهي. تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي صدارت ۾ پي ٽي آءِ جي ڪور ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ حڪومت کي جلد عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ ٻن هفتن جي آخري مهلت ڏيندي فيصلو ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته اگر حڪومت چونڊ ڪرائڻ جي تاريخ جو اعلان نه ڪيو ته هن مهيني ۾ ئي تحريڪ انصاف احتجاج جو آخري سڏ ڏيندي، جڏهن ته پي ٽي آءِ ملڪ اندر تنظيمن کي مهانگائي خلاف احتجاج ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، اجلاس کانپوءِ تحريڪ انصاف جي سينئر نائب صدر فواد چوڌري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ تڪڙيون چونڊون اڻٽر آهن، حڪومت تڪڙين چونڊن تي ڳالهائي ته تيار آهيون. هن چيو ته اسان سڄي ملڪ ۾ پنهنجي تنظيمن کي مهانگائي خلاف سڏ ڏئي ڇڏيو آهي، حڪومت چونڊن جي تاريخ نه ڏني ته ٻن هفتن ۾ فائنل سڏ ڏنو ويندو، سمورا ورڪر سيپٽمبر جي ڪال جو انتظار ڪن. هن چيو ته عبوري حڪومت جلد اچڻي ئي اچڻي آهي، ٻيو ڪو حل ناهي، پاڪستان ۾ ڪنهن ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جو آئين ۾ ذڪر ناهي، ائين ٿيو ته سڌو مارشل لا سمجهيو ويندو. فواد چوڌري چيو ته ڪور ڪاميٽي اجلاس ۾ اهم فيصلا ٿيا، ٻوڏ جي تباهين تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو، ۽ چيو ويو ته امداد لاءِ ٽيلٿون ۾ مليل پئسو جلد متاثرن تي خرچ ڪيو ويندو.

چارسدا(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته قبائلي علائقن ۾ امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي جڏهن ته مالاڪنڊ ۾ حالتون خراب ٿي ويون پر وفاقي حڪومت ڪو ڪردار ادا نه پئي ڪري، بگڙجندڙ حالتن تي ضابطو آڻڻ وفاق جي ذميوار ماڻهن جي ذميواري آهي. چارسدا ۾ عوامي جلسي کي خطاب دوران هن جلد کان جلد عام چونڊون ڪرائڻ تي زور ڏيندي چيو ته مون مٿان ڪيسن بدران مالاڪنڊ جي امن امان تي ڌيان ڏيو، اهو وقت پري ناهي جڏهن پنهنجي قوم کي احتجاج جو سڏ ڏيندس. هن چيو ته اسان کي ڪنهن سپر پاور جي غلامي ۽ نه ئي ڪنهن جي ڊپ سبب ويڙهه ۾ شرڪت ڪرڻ گهرجي، دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ سڀ کان وڌيڪ قرباني ڪي پي ڪي وارن ڏني آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين وزيراعظم شهباز شريف تي ڇتي تنقيد ڪندي چيوته ان چيوته مان گهرڻ ناهيان آيو پر مجبور آهيان، ڇا ڪنهن ملڪ جو ليڊر اهڙو هوندو آهي، انهن ماڻهن قوم کي سڄي دنيا آڏو شرمسار ڪيو. سندس چوڻ هو ته سازش ذريعي جيڪا حڪومت آئي ان جا ٻه مقصد هئا، آمريڪا چاهي پيو ته اهڙا حڪمران اچن جيڪي پينو فقيرن وانگر ڦرندا وتن، اسان پنهنجي ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ڪنهن ٻئي ملڪ لاءِ قربان نه ڪنداسين. هن چيوته جڏهن ن ليگ وارن حڪومت ڇڏي تڏهن خسارو وڌيڪ آمدني گهٽ هئي، جنهن انسان کي ڊپ هوندو آهي اهو ڪڏهن به ڪامياب ناهي ٿي سگهندو، وقت ايندو جڏهن هر پاڪستاني دنيا ۾ فخر سان گهمندو. عمران خان چيو ته جيڪا به قيادت اچي ان جو جيئڻ مرڻ پاڪستان ۾ هجي، هڪ سڏ ڏيندس توهان کي حقيقي آزادي لاءِ نڪرڻو آهي، حقيقي آزادي حاصل ڪري اسان هڪ عظيم قوم بڻباسين. هن چيو ته جڏهن ته اسان حڪومت ڇڏي هئي تڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل 103 ڊالر جو هو، اڄ 93 آهي ڏهه ڊالر گهٽ ريٽ آهي، عالمي منڊي ۾ اگهه گهٽجي رهيا آهن هتي وڌي رهيا آهن. هن چيو ته شهباز شريف خلاف رمضان شگر ملز ڪيس به معاف ٿي رهيو آهي، ايف آءِ اي ۾ شهباز ۽ سندس پٽ کي سزا ملڻي هئي، 16 ارب رپيانوڪرن جي نالي کي ورتا ويا جيڪي ايف آءِ اي پڪڙيا، ٻن مهينن ۾ 4 شاهد ۽ ايف آءِ اي جو هڪ جاچ آفيسر دل جي دوري سان مري ويا، جاچ ٿيندي ته خبر پوندي ته اهي دل جي دوري سان نه مئا آهن پر انهن کي مارايو ويو آهي. هن چيو ته فيصلو ڪيو اٿم ته ايندڙ ڀيري اقتدار مليو ته جنهن جا پئسا ۽ دولت ٻاهر هوندي ان کي وزير نه بڻائيندس، آبادگارن جي 21 سيپٽمبر تي ٿيندڙ احتجاجي مظاهري جي مڪمل حمايت ڪريان ٿو.  هن چيو ته آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ چون ٿا ته حڪومت معيشت نه ٿي سنڀالي سگهي، پاڪستان سريلنڪا طرف وڃي رهيو آهي، ملڪ ۾ ڏڦيڙ ٿيڻ وارو آهي، ڪراچي ۾ اٽو 50 رپين مان 100 رپين کان وڌي ويو آهي، چانورن جي قيمت ٻيڻي ٿي وئي آهي، سڄي قوم پڇي پئي ان جو ذميوار ڪير آهي، ڪنهن هن قوم کي ڪيرايو، ڪير هيٺ کڻي آيو، ڪنهن سازش ڪئي، امپورٽڊ حڪومت ۽ حمايت ڪندڙن کي پيغام آهي ته جيڪو مرضي ڪري وٺو هي ميچ توهان نه ٿا کٽي سگهو، هي ميچ توهان هارائي چڪا آهيو، چونڊن ۾ جيتري دير ٿيندي ملڪي معيشت وڌيڪ تيزي سان هيٺ وڃي رهي آهي، هن چيو ته سڀاڻي وري ٽيليٿون ڪري رهيو آهيان، 10 ارب گڏ ڪري چڪو آهيان وڌيڪ پئسا گڏ ڪندس، جيئن جيئن پئسا ايندا متاثرن جي مدد ڪندس. هن چيو ته هنن چورن جي هٿان پوئتي ويندڙ ملڪ کي بچائڻ جو هڪ ئي رستو آهي اهو آهي صاف شفاف چونڊون ڪرايون وڃن. ووٽ وسيلي پرامن تبديلي اچڻ ڏني وڃي ان پر امن انقلاب جو رستو روڪيو ويو ته اهو انقلاب ايندو جو راند سڀني جي هٿن مان نڪري ويندي، ملڪ کي نقصان پهچائيندو، هن چيو ته آئون سياست چمڪائڻ لاءِ اهڙيون ڳالهيون نه ڪندو آهيان توهان کي خبر آهي ته هنن اسلام وڪڻڻ لاءِ دڪان ٺاهيا آهن مولانا فضل الرحمان کي پئسا ڏيو ڪا به فتويٰ وٺو.