ڪراچي(م ڊ) ناليواري اينڪر محمد مالڪ چيو ته ملڪ لاِ تمام وڏا خطرا آهن، حڪومت جا ماڻهو چون ٿا اسان وٽ ته آپشن آهن ئي ڪونه، اسان وٽ ته هڪ پاسي کوهه ۽ ٻئي پاسي کاهي هئي اسان کوهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو ۽ اها به خبر نه آهي ته کوهه ڪيترو گهرو آهي. اسان ته هيٺ ئي وڃي رهيا آهيون. ايندڙ ڇهن مهينن ۾ فيصلا ٿيڻا آهن. حڪومت وٽ هڪ ئي اميد آهي ته هڪ سال بعد چونڊ ٿيندي ته شايد تيستائين ڪا بهتري ٿي وڃي. کين خبر آهي ته هو هن وقت اليڪشن ۾ ويندا ته هارائيندا. هن چيو ته حڪومت جي ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن عمران خان وري اسلام آباد آيو ته 25 مئي کان به ٻيڻو تشدد ڪيو ويندو، پوءِ ڏسي وٺنداسين جيڪو ڪجهه ٿيندو. هن چيو ته مون کي سنجيده طور خطرو ٿو لڳي ته جيڪڏهن نومبر ۾ نئون آرمي چيف اچي ٿو ته ڪجهه هفتا بهتري ۾ لڳندا، هڪدم ته بهتري نه ايندي، آرمي چيف جي مقرري ٿي به وئي ته به ملڪ ۾ ماحول ايترو خوفناڪ ٿي ويندو، هن وقت هر شخص تڪراري بڻجي ويو آهي، اسپيڪر، صدر، چيف جسٽس آرمي چيف سڀ تڪراري بڻجي ويا آهن. ميڊيا وارا به تڪراري آهي. سوشل ميديا رپورٽن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ عمران خان وچ ۾ ملاقات هڪ ايجنسي جي اڳوڻي سربراهه ڪرائي آهي.