اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف، اسپيڪر قومي اسيمبلي راجا پرويز اشرف، پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير حمزه شهباز، اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني مٿان داخل نيب ريفرنس واپس ٿي ويا، تفصيل موجب موجوده حڪومت جي دور ۾ نيب قانونن ۾ ترميم کان پوءِ وزيراعظم ۽ اسپيڪر سوڌو ڪيترن ئي حڪومتي اڳواڻن کي نيب ڪيس ۾ رليف ملي ويو، ذريعن مطابق وزيراعظم شهباز شريف، حمزه شهباز، اسپيڪر قومي اسيمبلي راجا پرويز اشرف، اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني تي داخل ريفرنسن سميت 50 جي لڳ ڀڳ ريفرنس احتساب عدالتن واپس ڪري ڇڏيا، شهباز شريف ۽ حمزه شهباز شريف خلاف رمضان شوگر ملز ريفرنس واپس ٿيو آهي، جڏهن ته اسپيڪر قومي اسيمبلي راجا پرويز اشرف خلاف رينٽل پاور ڪيس ۾ 6 ريفرنس واپس ڪيا ويا، اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني خلاف يو ايس ايف فنڊ ۾ ڪرپشن خلاف ريفرنس واپس ٿي ويو، پ پ سينيٽر سليم مانڊوي والا، ن ليگ سان تعلق رکندڙ ڪي پي ڪي جي اڳوڻي وڏي وزير سردار مهتاب عباسي، پيپلز پارٽي جي سينيٽر ربينا خالد خلاف ريفرنس به واپس ٿي ويا، نيب قانونن تحت مضاربه اسڪينڊل ۽ ڪمپنيز فراڊ ريفرنس به احتساب عدالتن کان واپس ٿي ويا آهن، ياد رهي ته موجوده حڪومت جي دور ۾ نيب قانونن ۾ ٿيل ترميمن تحت پراسيڪيوٽر جنرل ۽ نيب چيئرمين کي گڏيل مشاورت سان ڪو به داخل ريفرنس واپس وٺڻ جا اختيار ڏنا ويا هئا، ذريعن مطابق اهي ريفرنس موجوده حڪومت ۾ ٿيل نيب قانونن ۾ ترميمن تحت احتساب عدالتن مان واپس ورتا ويا آهن.