ڪراچي(م ڊ) سينئر صحافي مظهر عباس دعويٰ ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي واپسي جو سفر شروع ٿي ويو آهي، جيڪڏهن ڪا ڊرامائي تبديلي نه آئي ته ڪجهه هفتن ۾ ڊيل ٿي ويندي، جيڪا هن وقت ڄڻ ته فائنل ٿي چڪي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته چونڊون ايندڙ سال ٿينديون، نئين حڪومت سمورا اهم فيصلا ڪندي. ڪو به نيوٽرل ۽ آمريڪا مخالف بيانيو نه هلايو ويندو. هن چيو ته پي ڊي اي جي حڪومت ايتري ڪمزور آهي جو اها مزاحمت نه ڪري سگهندي. ڇا وزيراعظم ان قدم کي ختم ڪري سگهي ٿو؟ جڏهن ته اينڪر اقرارالحسن ٽوئيٽ ۾ چيو ته پاڪستان جو عوام فيڪٽري جا اهي ملازم آهن جن کي مالڪن خلاف ڀڙڪائي ۽ انهن کان جلسا ڪرائي جلوس ڪڍرائي يونين جو ليڊر مالڪن سان ڊيل ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ملازم ويچارا پراڻي پگهار تي ڪم ڪندا رهندا آهن.