اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ اڄ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني خصوصي بينچ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ عام چونڊون ملتوي ٿيڻ خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي. اٽارني جنرل پنهنجا دليل جاري رکندو، پي ٽي آءِ جو وڪيل به موقف پيش ڪندو، ذريعن موجب حڪومتي اتحاد ۾ شامل ٽن وڏين پارٽين ڪيس ٻڌندڙبينچ تي اعتراض جو فيصلو ڪيو آهي، اٽارني جنرل ۽ سياسي پارٽين جا وڪيل بينچ تي اعتراض اٿاريندا، چيف جسٽس کان فل ڪورٽ جوڙڻ جي استدعا ڪئي ويندي، اهڙي استدعا رد ٿي ته عدالتي ڪارروائي جو بائڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته بينچ مان جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس امين الدين ڌار ٿي چڪا آهن، جسٽس جمال مندوخيل فل ڪورٽ جوڙڻ جي صورت ۾ ڪيس ٻڌڻ تي رضامندي ڏيکاري آهي.