اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت چيو آهي ته پاڪستان جا اسرائيل سان ڪي به سفارتي يا واپاري لاڳاپا نه آهن، پاڪستان جي اسرائيل پاليسي ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي،  پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي وضاحت سامهون آئي آهي، واپار واري وزارت جي ترجمان پاران به اسرائيل سان لاڳاپن وارن افواهن جي ترديد ڪئي وئي آهي، واپار واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته آمريڪي جيوش ڪانگريس جي پريس رليز کي غلط طريقي سان منسوب ڪيو ويو آهي، پريس رليز ۾ پاڪستان ۽ اسرائيل جي واپار جو ڪٿي به ذڪر نه ڪيو ويو آهي، اسرائيل سان نه تجارتي لاڳاپا آهن ۽ نه وري اهڙو ارادو رکون ٿا.