لاڙڪاڻو ( رپورٽ: نادر ابڙو ) چانڊڪا اسپتال جي نيفرولاجي شعبي ۾  10 مان 8 ڊائلاسز مشينون خراب ٿيڻ سبب گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا مريضن جون حياتيون داءُ تي لڳي ويون آهن،بلوچستان واسي مريض مولابخش، وارهه واسي جواد خاصخيلي، نئون ديرو واسي مختيار ڀٽو، باقراڻي واسي فضل محمد، پير جوڳوٺ واسي محمد يوسف، راڌڻ واسي نسيم سرگاڻي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان نيفرولاجي وارڊ ۾ داخل آھيون. اسپتال انتظاميا مشينون خراب هئڻ جو جواز ڄاڻائي ڊائلاسز ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي، جسم سجي ويو ۽ ساهه کڻڻ ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. هنن گهر ڪئي ته ڊائلاسز مشينون ٺيڪ ڪرائي اسان جون زندگيون بچايون وڃن. هوڏانهن چانڊڪا اسپتال ۾ نصب ٿيل ايم آر آءِ مشين به ڪيترن ئي ڏينهن کان خراب پيل آهي، مريض پئسا ڀري ٽيسٽون ڪرائڻ تي مجبور آهن. ايم ايس ڊاڪٽر گلزار تونيو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته نيفرولاجي وارڊ مشينن ۾ لڳل ڊائلاسز ڪٽس خراب آهن، ان ڪري مشينن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، سامان پهچڻ بعد ڊائلاسز ڪٽس لڳائي مشينون هلايون وينديون.  هن ٻڌايو ته ايم آر آءِ مشين جو نئون ٽينڊر ٿيندو جنهن کان پوءِ نئين ايم آر آءِ مشين خريد ڪئي ويندي.