نوشهروفيروز (رپورٽر) سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن سنڌو نواز گهانگهرو، حمز علي چانڊيو ۽ ماهنور شيخ چيو آهي ته سنڌ اندر وڌندڙ بدامني ۽ منشيات جي وڪري خلاف آواز اٿارڻ جي ڏوهه ۾ ايس ايچ او ڪنڊيارو قربان ڪلوڙ حملو ڪري تشدد ڪيو ۽ ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي، هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته پوليس عوام جي جان ۽ مال جي محافظ هوندي آهي پر هتي ته پوليس مظلومن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙن کي گرفتار ڪري هراسان پئي ڪري، هنن چيو ته سموري سنڌ جيان ضلعي نوشهروفيروز ۾ به بدامني عروج تي ۽ پوليس صرف ڪمداري ۾ مصروف آهي، عوام غير محفوظ بڻيل آهي، هنن چيو ته تشدد ڪندڙ ايس ايچ او ۽ اهلڪارن خلاف سيشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.