دولتپور صفن (ن پ ا) پي ٽي آءِ ليبر ونگ سنڌ جو صوبائي صدر ڊاڪٽر عبدالوحيد انڙ 25 پارٽي ڪارڪنن سميت ڌرڻي ڪيس مان باعزت بري ٿي ويو، هن پارٽي ڪارڪنن سان گڏجي 7 مھينا اڳ دولتپور صفن ۽ ان جي ڀرپاسي وارن برسات ٻڏل ڳوٺن کي بچائڻ ۽ انھن مان برساتي پاڻي جي نيڪالي لاءِ قومي شاھراهه تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ھو، جنھن خلاف پوليس فريادي ٿي سندس مٿان ڪيس داخل ڪيو هو، ڪالهه پيشي دوران وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد دھشتگردي ٽوڙ نوابشاهه جي عدالت عبدالوحيد انڙ، گلشيرڏاهري، گل محمد سومرو، سڪندرڏاهري، الطاف ڏاهري، لعل بخش، محمد حاصل انڙ، شفقت انڙ، تنوير انڙ، تيمور انڙ، رفيق پلي، مير حسن ڏاهري، سرفراز ڏاهري، رسول بخش انڙ، غلام حسين ڏاهري، عبدالجبار ڏاهري، علي مراد انڙ سميت 25 ڄڻن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو.