ڄام نواز علي (ن پ ا) ڄام نواز علي ويجهو همراهه ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب نئون آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ الله ورايو مهر  ۾ 50 سالا ڪبير خان مهر زرعي زمين تي وڻ ۾ ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، اطلاع تي نئون آباد پوليس واقعي هند پهچي لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب اطلاع تي پهتاسين ته وڻ ۾ همراهه جو لاش ٽنگيل هو، پوليس موجب وارثن جو چوڻ آهي ته همراهه جو دماغي توازن درست نه هو، جنهن ڪري ڳچي ۾ ٽوال وجهي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي.