مٽياري (رپورٽر)  2 سال اڳ سيکاٽ ڀرسان 11 ورهين جي نينگريءَ سان زيادتي جي جوابدار کي عدالت عمر قيد ۽ هڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، سيکاٽ ٿاڻي تي 2 سال اڳ فريادي سومار ڪنڀر فرياد داخل ڪرائي هئي ته منهجي ڌيءَ سان جوابدار عبدالرزاق عرف ٻوٽي ملاح زبردستي زنا ڪئي آهي، جنهن جو ڪيس ايڊيشنل سيشن جج جي ماڊل ڪورٽ ۾ هلندڙ هو جنهن ۾ ڌرين جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت فيصلو ٻڌايو آهي،  عدالت سڳوري ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار عبدالرزاق کي عمر قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.