فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج واهه تان بااثر لکين رپين جي ماليت جا وڻ سرعام وڍائي کڻي ويا. واهه کي پڪو ڪرڻ واري ڪم جو بهانو بڻائي لکين رپين جا وڻ غيرقانوني طريقي سان وڍائي وڪرو ڪيا ويا، ڪيس داخل نه ٿيو. خبر موجب فيض گنج واهه جي پڪا چانگ پل وٽان واهه جي ڪپرن تان ٽالهين، نم ۽ ٻٻرن جا وڻ علائقي جي بااثرن سرعام وڍائي ڇڏيا آهن. فيض گنج ٿاڻي کان چند قدم پري سرعام سرڪاري وڻن جي واڍي جو اطلاع ڏنو ويو پر پوليس بااثرن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي. بااثر سرعام سرڪاري وڻ ٽريڪٽر ٽرالين ۾ وجهي فرار ٿي ويا. ذريعن موجب فيض گنج واهه کي پڪو ڪرڻ وارو ڪم شروع ٿيڻ کان اڳ ئي واهه جي ڪپرن تي انگريزن جي دور کان پوکيل سرڪاري وڻ غيرقانوني طريقي سان وڍرايا پيا وڃن. لکين رپين جي ماليت جا وڻ ڪپجي وڃڻ واري عمل تي سڄاڻ ڌرين حيريت جو اظهار ڪندي معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ڊي او ايريگشن فيض گنج علي نواز ڀٽي ٻڌايو ته وڻ ڪپجي ويا آهن. اطلاع تي ڪجهه وڻ کڻائي آيا آهيون، باقي بااثر کڻائي ويا آهن. جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو.